مريم خلاف شوگر مل ڪيس جو فيصلو چئلينج

مريم خلاف شوگر مل ڪيس جو فيصلو چئلينج

اسلام آباد)بيورو رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز خلاف چوڌري شوگر ملز ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي وفاقي آئيني عدالت ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.نيب پاران وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ مريم نواز خلاف انڪوائري ختم ڪرڻ جي نيب چيئرمين جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي. چوڌري شوگر ملز ڪيس خانگي نوعيت جو آهي، سرڪاري خزاني کي ڪو به نقصان نه پهچايو ويو، ۽ جاچ ۾ مريم نواز خلاف ڪرپشن يا بدعنواني جي طريقن جو ڪو به ثبوت سامهون نه آيو.نيب جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ نيب ترميمن جي سيڪشن 31 بي (1) جي غلط تشريح ڪئي، نيب چيئرمين کي ريفرنس داخل ڪرڻ کان اڳ ڪنهن به ڪارروائي کي ختم ڪرڻ جو مڪمل قانوني اختيار آهي، ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ انڪوائري جي خاتمي کي احتساب عدالت جي منظوري سان مشروط ڪري قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي.نيب پنهنجي درخواست ۾ درخواست ڪئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي 4 فيبروري 2026 جي حڪم کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو