اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پيمرا ترميمي بل واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سينيٽر فوزيه ارشد جي صدارت هيٺ سينيٽ جي اطلاعات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سڌ سماءَ واري وزير چيو ته هو پيمرا جي پراڻي ڪاري قانون کي ختم ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري پيمرا ترميمي آرڊيننس آندو پر ان ترميم تي صحافي برادري جا خدشا آهن. پيمرا ترميمي بل واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ٿو.مريم اورنگزيب چيو ته نيون تجويزون به اچي رهيون آهن، مستقبل جي حڪومت لاءِ بهتر آهي ته هن بل تي غور ڪري، ان بل تي تفصيلي غور ڪرڻ کان بهتر آهي ته ٿوري وقت ۾ فيصلو ڪيو وڃي.










