اسلام آباد(بيورو) وزيراعظم شهبازشريف سڌسماءَ بابت وافاقي وزير مريم اورنگزيب سان لنڊن ۾ پي ٽي آئي جي ڪارڪنن پاران ڪيل بدتميزي تي ردعمل ڏيندي چيو ته مريم اورنگزيب پنهنجي عمل سان حراسان ڪندڙن ۽ سندن سپورٽرز کي وائکو ڪري ڇڏيو ٽيوٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف چيو ته مريم اورنگزيب پي ٽي آئي ڪارڪنن جي حراسان ڪرڻ تي جنهن ظرف جو مظاهرو ڪيو اهو فخر جوڳو آهي شهبازشريف پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته مريم اورنگزيب پنهنجي عمل سان حراسان ڪندڙن ۽ سندن سپورٽرز جو مڪروه چهرو بي نقاب ڪيو.










