مريخ تي آواز جي رفتار ڌرتي کان ڪافي مختلف آهي

مريخ تي آواز جي رفتار ڌرتي کان ڪافي مختلف آهي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)سائنسدانن جو چوڻ آهي ته مريخ تي آواز جي رفتار ڌرتي جي گولي جي ڀيٽ ۾ ڪافي مختلف آهي. اهڙو اعلان مريخ تي تجربن لاءِ موڪليل خلائي گاڏي پاران موڪليل معلومات جو اڀياس ڪندڙ ٽيم جي سربراهه بيپٽيسٽ چائيڊ جيڪولاس الموس نيشنل ليبارٽري سان سلهاڙيل آهي تنهن 53 هين لونر ۽ پلينيٽري سائنس ڪانفرنس کي خطاب ۾ ڪيو. هن ٻڌايو ته مريخ جي مٿاڇري تي تيز گرمي جي پد ۾ ڦيرڦار ٿئي ٿي جتي انسان ساهه نٿو کڻي سگهي. هن چيو ته مختلف سيارن تي مختلف ماحول سبب آواز جي رفتار به مختلف هوندي آهي. آواز اسان جي ماحول ۾ 20 ڊگري سينٽي گريڊ تي 343 ميٽر (1,125 فوٽ) في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو، پر پاڻي ۾ 1,480 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان، ۽ اسٽيل ۾ 5,100 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر ڪري ٿو. مريخ تي آواز تقريبا 240 ميٽر في سيڪنڊ جي رفتار سان سفر رڪارڊ ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو