مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پ ش ڀ جو احتجاج

مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پ ش ڀ جو احتجاج

شيخ ڀرڪيو (مظفرعلي بروهي) پ پ شهيد ڀٽو طرفان ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندن ساٿين جي قاتلن جي گرفتارين لاءِ رياض لغاري، محمد هاشم قمبراڻي، سيد شاهنواز شاھ، محمدامين سولنگي ۽ امين سنڌي جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوالهيار روڊ تي احتجاجي مظاهروڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن چيوته 23سال گذري وڃڻ باوجود حڪومت ميرمرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي حڪمران قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ اعليٰ عهدن تي ترقيون ڏئي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ هڪ شرمناڪ عمل آهي پوليس هڪ ٻڪري چور کي گرفتار ڪري سگهي ٿي پر اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي پڳدار پٽ ۽ پارٽي سربراھ ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندن ساٿين جي قاتلن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي. هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان گهر ڪئي ته شهيد ميرمرتضي ڀٽو ۽ سندن ساٿين جي قتل جو ڪيس ٻيهر کولي قاتلن کي ڦاهي تي ٽنگيو وڃي ۽ شهيدن جي وارثن سان انصاف ڪيووڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو