مرتضي بلوچ پارٽي جو اهم اثاثو هو، سيد مراد شاهه

مرتضي بلوچ پارٽي جو اهم اثاثو هو، سيد مراد شاهه

ملير(رپورٽر)ملير سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ نئون آءِ جي سنڌ مقرر ٿي ويندو، وزيراعظم کان پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ سنڌ سان ٿيل زيادتين جي ازالي جو مطالبو ڪيو آهي ڪراچي ۾ آپٽڪ فائيبر ڪيبل منصوبي جي تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته دادو، ڄامشورو، بدين، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ضلعن ۾ آپٽڪ فائيبر ڪيبل وڇائي ويندي مراد علي شاهه چيو ته هن منصوبي سان سنڌ ۾ ڏورانهن علائقن تائين پهچ سولي ٿي ويندي، ٻهراڙي جا علائقا به بنا ڪنهن رنڊڪ جي ڊجيٽل هاءِ وي مان فائدو وٺي سگهندا اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جي صدر شهيد غلام مرتضيٰ بلوچ کي وڇڙي 2 ورهيه وهامي ويا، سندس ٻين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي ملير ۾ ورسي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، پ پ ملير جي صدر ۽ وڏي وزير جي خاص مددگار سلمان عبدالله مراد، صوبائي وير امتياز شيخ، ساجد جوکيو، جاويد ناياب لغاري، ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، آغا رفيع الله، راجا رزاق، ايم پي اي سليم بلوچ سميت ٻين اڳواڻن توڙي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته شھيد مرتضيٰ بلوچ پارٽي جو اھم اثاثو ھو، ڪورونا وبا ۾ شهيد جو اھم ڪردار ھو هن چيو ته شهيد مرتضيٰ بلوچ ملير واسين لاءِ گڏاپ جي ڏورانھين علائقي ۾ اسپتال قائم ڪرائي، ملير ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۾ سندس وڏو ڪردار ھو مراد علي شاهه چيو ته مرتضيٰ بلوچ ملير کي ترقي ڏيارڻ ۽ خوشحال بڻائڻ لاءِ پرعزم هو، سندس وڇوڙو پارٽي لاءِ وڏو خال آھي، جيڪو شھيد جو فرزند ايم پي اي يوسف مرتضيٰ بلوچ ڀري سگھي ٿو

پهنجو تبصرو موڪليو