مراد شاهه سان اردن جي اڳوڻي وزيراعظم جي وفد سميت ملاقات

مراد شاهه سان اردن جي اڳوڻي وزيراعظم جي وفد سميت ملاقات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اردن جي اڳوڻي وزيراعظم پروفيسر ڊاڪٽر عدنان بدران جي سربراهي ۾ سائنسدانن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد ۾ لبنان جو پروفيسر ڊاڪٽر الياس بيدون، ايران مان پروفيسر ڊاڪٽر موسوي مهوادي، اردن مان ڊاڪٽر نجوه، ڪراچي يونيورسٽي جو ڊاڪٽر اقبال چوڌري شامل هئا، اردن جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر عدنان سان سنڌ جي وڏي وزير جي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مسلم ملڪ پنهنجن تعليمي ادارن ۾ جديد سائنسي تعليم فراهم ڪن، وڏي وزير چيو ته ڪو وقت هو جڏهن سائنس جي ميدان ۾ مسلم دنيا سڄي دنيا جي اڳواڻي ڪندي هئي، فلڪيات، بحري سائنس، سرجري ۽ ميڊيڪل سائنس ۾ مسلمان ملڪ تمام اڳتي هئا،هاڻي سائنس جي شعبي ۾ ٻيهر ترقي ڪرڻ گهرجي ته جيئن سماجي مسئلا حل ٿي سگهن، اردن جي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلامي دنيا ۾ سائنسي تعليم ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ او آءِ سي بهترين پليٽ فارم آهي، مسلم ملڪن جي تعليمي ادارن جا پروفيسر به گڏيل پليٽ فارم ٺاهي هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهن ٿا، وڏي وزير جواب ۾ چيو ته اسان جي حڪومت سائنس جي ترقي لاءِ مسلمان سائنسدانن جي رهنمائي ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي طب، موسمياتي تبديلي، زراعت ۽ فصلن جي پيداوار کي بهتر بڻائڻ لاءِ جديد تحقيق جي ضرورت آهي ٻوڏ يا ڏڪار واري صورتحال ۾ گهٽ وقت ۾ وڌيڪ پيداوار حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي، مسلم ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، سنڌ جي وڏي وزير جو اردن جي اڳوڻي وزيراعظم ڊاڪٽر عدنان ۽ سندس وفد سان معاهدو ڪيو، سنڌ جي وڏي وزير جو ترجمان چيو ته مهمانن کي سيد مراد علي شاهه اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڏني.

پهنجو تبصرو موڪليو