اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري سينيٽ چونڊن ۾ سنڌ مان پ پ اُميدوارن کي ڪامياب ڪرائڻ واري وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان کي سپريم ڪورٽ ۾ رڪارڊ جو حصو بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه جي بيان تي ردعمل ظاهر ڪندي هن چيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير چوي ٿو ته صوبي مان 10 سيٽون کٽي وينداسين، اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن توهان ٻين جماعتن جا ميمبرز خريد ڪندئو، ووٽ جي خريداري واري روايت کي جاري رکڻ لاءِ پيپلز پارٽي اوپن بيلٽ ذريعي ووٽنگ جي مخالفت ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ مراد علي شاهه جي بيان کي رڪارڊ جو حصو بڻائي، وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن سينيٽ چونڊن بابت چيو هو ته سنڌ ۾ پ پ اُميدوارن کي ڪامياب ڪرائي وينداسين، 3 مارچ تي شام جو سرپرائيز جي خبر پئجي ويندي.










