مدئجي ۾ بجلي جي جهٽڪي ۽ خود ڪشي سبب 2 فوت

مدئجي ۾ بجلي جي جهٽڪي ۽ خود ڪشي سبب 2 فوت

مدئجي(نويد دل)مدئجي ويجهو ڳاهيجا ٿاڻي حد ڳوٺ ڪنڌر جي رهواسي نوجوان عبدالسميع ڪنڌر گهرو اڻبڻت تان پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال کڻي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو,لاش تعلقي اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ,جيڪو گهر پهچڻ تي وارثن ۾ قهرام مچي ويو.

ڳاهيجا پوليس جو چوڻ هوته نوجوان گهرو اڻبڻت تان گهر وارن کان ڪاوڙيل هو جنهن تان هن بندوق جو فائر ڪري خودڪشي ڪئي آهي.*** مدئجي ويجهو ڳوٺ سمان جوڻيجا ۾ گهر اندر بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب 32 ورهين جو نوجوان الهورايو جوڻيجو فوت ٿي ويو,جنهن کي وارث کڻائي تعلقي اسپتال پهتا جتي هو پهچڻ کان اڳواٽ فوت ٿي چڪو هو. ٻنهي ڌار ڌار پيش آيل وقعن ۾ فوتين جي جنازي نمازادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه دفنايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو