ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار مختلف کاتن ۾ آفيسرن جون مقررين ۽ بدلين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪياآهن، جنهن موجب اطهر ميراڻي کي خوراڪ کاتي جو ٻيهر ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته فرخ شهزاد کي اينٽي ڪرپشن جو ڊائريڪٽر ون مقرر ڪيو ويو آهي، ڪراچي سينٽرل جي ميونسپل ڪمشنر ثميرا حسين کي هٽائي سندس جاءِ تي سيڪريٽريٽ ۾ مقرر ڊپٽي سيڪريٽري سيد محمد علي زيدي کي ميونسپل ڪمشنر مقرر ڪيو ويو،تعليم کاتي جي ڊپٽي سيڪريٽري محمد ابراهيم ميمڻ کي اينٽي ڪرپشن اسٽبليشمينٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته لعل ڏنو منگي کي هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو،منگهو پير جي مختيار ڪار حمود الرحمان کي هٽائي سندس جاءِ تي محمد ابراهيم جوڻيجو کي مقرر ڪيو ويو.










