لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) پوليس جو چوڻ آهي ته کين هڪ ڏورانهين علائقي مان هڪ نوجوان جو ڌڙ کان ڌار ڪيل لاش هٿ آيو آهي. پوليس موجب ڳوٺ بارگئي مان نوجوان جو سر قلم ٿيل لاش مليو آهي. مقتول جي سڃاڻپ 19 سالن جي رحيد الله جي نالي سان ٿي آهي. کيس نامعلوم دهشتگردن فوج لاءِ جاسوسي جي شڪ تي قتل ڪيو آهي. مقتول نينگر جي چاچي مراد خان پوليس کي ٻڌايو ته سندس ڀائٽيو 15 جنوري تي زمين تي ويو هو پر واپس گهر نه آيو. هن چيو ته کين خبر پئي ته هٿياربند کيس موٽرسائيڪل سميت اغوا ڪري کڻي ويا آهن. لاش سان گڏ هڪ خنجر ۽ چٺي ملي آهي جنهن تي لکيل آهي ته اتحاد مجاهدين خراسان هنکي فوج ۽ دهشتگردي ٽوڙ پوليس لاءِ مخبري جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي قتل ڪيو آهي.










