اسلام آباد (م ڊ) مخالف ڌر جي پارٽين جي پُرزور مطالبي تي حڪومت ڀارتي اڳرائي واري واقعي تي پارليامنٽ
جي اجلاس دوران پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خورشيد شاهه موجودا صورتحال تي پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجه آصف ان جي حمايت ڪئي. پارلياماني معاملن بابت وزير علي محمد خان قومي اسمبلي ۾ پنهنجي بيان ۾ چيو ته حڪومت پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. علي محمد خان چيو ته سموري پارليامنٽ ۽ قوم گڏ آهي، ڪوشش آهي ته گڏيل اجلاس اڄ ئي ٿي وڃي، پوءِ ڀلي رات جو ٻارنهن وڳي ڇو نه ٿئي.خورشيد شاهه چيو ته اسان جنگ واري حالت ۾ اچي ويا آهيون، پارليامنٽ ويهي ۽ فيصلو ڪري،ڪا به اهڙي ڳالهه نه ڪئي وڃي جنهن سان اختلاف پيدا ٿين، اسان کي دنيا ۽ ڀارت کي پنهنجو اتحاد ڏيکارڻو آهي، ڀارت جيڪڏهن 40 ڪلوميٽرن اندر آيو ته اسان 80 ڪلوميٽر اندر داخل ٿي وينداسين. ان موقعي خواجه آصف پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اڄ شام ئي گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي، هي قومي سلامتي جو مسئلو آهي ته جيئن هڪ آواز وڃي، اسان جي جوانن ۽ فوج کي خبر پئي ته قوم ساڻن گڏ بيٺي آهي. خواجه اظهار چيو ته هن وقت سياست نه ڪريو، هي اتحاد ۽ قومي ٻڌي جو وقت آهي. ن ليگ جي سردار اياز صادق چيو ته گذريل سال ۾ پاڪستان اسلامي سهڪار واري تنظيم جي هر پارلياماني گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، پر هاڻ پاڪستان کي ڪنهن به صورت ۾ او آءِ سي جي اجلاس ۾ نه وڃڻ گهرجي، او آءِ سي جي جي همت ڪيئن ٿي جوهن ڀارت کي گيسٽ آف آنر ڪري گهرايو، ڇا ڀارت کي دعوت ڏيڻ کان اڳ پاڪستان کان پڇو ويو هو. اسان کي عزت سان جيئڻو آهي يا بي عزتي سان جيئڻو آهي. ڀارت جيان پاڪستان کي به پنهنجي شين جي برآمد تي ڊيوٽي لڳائڻ جي ضرورت آهي. جي يو آءِ ( ف ) جي مولانا اسعدالرحمان جو چوڻ هو ته ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪريون ٿا، اسان پاڪستان جي سالميت تي سمجهوتو نه ڪنداسين، حڪومت کي ان بابت گڏيل پاليسي ڏيڻ گهرجي، اسان کي پاڪ فوج جي صلاحيتن تي مڪمل اعتماد آهي، ڀارت او آءِ سي جو ميمبر ناهي، او آءِ سي ۾ ڀارتي ميمبر کي دعوت ڏني وئي آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي امير حيدر هوتي چيو ته ايوان جي ميمبر جي حيثيت سان فخر آهي ته ان معاملي تي مڪمل اعتماد جو مظاهرو ڪيو ويو، اختلاف راءِ هڪ فطري عمل آهي، اسان کي حڪومت سان ۽ حڪومت کي اسان کان شڪايتون آهن پر جڏهن ملڪي سلامتي جو معاملو هوندو آهي ته ملڪ سڀ کان اول هوندو آهي، ڀارت ۾ هن وقت چونڊون ويجهو آهن، مودي صاحب خطي جي سلامتي کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته والاريل ڪشمير مان ردي عمل اچي ٿو پاڪستان تي الزام مڙهيو ويندو آهي، ڀارت ظلم ۽ بربريت ڪري ڪشميرين جو آواز دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پاڪ فوج جي سربراهه کي به پارليامنٽ جو به گڏيل اجلاس طلب ڪيو وڃي. جو گڏيل اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري جي سربراهي ۾ قومي اسمبلي
حڪومت 2 کرب 35 ارب جي ٽيڪس ڇوٽ تي نظر ثاني ڪري، فاروقي
ايران جي صدر جو علائقائي اتحاد ۽ گڏيل حڪمت عملي تي زور
چين جو سامونڊي تحقيق لاءِ ترندڙ پليٽ فارم ٺاهڻ جو اعلان
لياري جي مرزا آدم خان روڊ جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جاري
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ واڌ، نئين شرح 12 سيڪڙو مقرر
قبو سعيد خان،عورت جو گوليون لڳل لاش هٿ
ليوي ختم نه ٿي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ٿيندو: حافظ
سنڌ ۾ سرنهن، تر ۽ ڪينولا جي پوک ۾ واڌ خوش آئند آهي
غير سياسي جنرل عبدالوحيد ڪاڪڙ لاڏاڻو ڪري ويو
ڀارتي سيڪيورٽي فورسز هٿان سجاول واسي 4 مهاڻا گرفتار
سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ اضافو
ٽرمپ کي ڌچڪو، برازيل ۾ لولا چوٿون ڀيرو صدر چونڊجي ويو
گمبٽ: شادي جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت
نارين جا موبائل فون کڻي فرار ٿيندڙ مک جوابدار گرفتار
ڪراچي: شاهراهه ڀٽو تي ٽن ڪارن ۾ ٽڪر، 1 ڄڻو فوت
ايل پي جي مهانگي، في ڪلو 650 رپيا برقرار
خان جي ڀينرن جي نظربنديءَ ۾ وڌيڪ 30 ڏينهن جي واڌ
عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي
پهلوان ڳوٺ ۾ حددخلين خلاف آپريشن ڪندڙ ٽيم تي حملو
راولپنڊي: عليمه خان خلاف محفوظ فيصلو چوٿون ڀيرو ملتوي










