سانگهڙ(ن س ) ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد رينج محمد يونس چانڊيو چارج سنڀالڻ بعد سانگهڙ ضلعي ۾ آمد جي موقعي تي تعارفي اجلاس منعقد ڪيو ويو، ان موقعي تي ايس ايس پي آفيس سانگهڙ پهچڻ تي ڊاڪٽر فرخ علي ايس ايس پي سانگهڙ طرفان شاندار استقبال ڪيو ويو،ان موقعي تي پوليس جي چاڪ و چوبند دستي پاران سلامي ڏني ويئي. ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد جناب محمد يونس چانڊيو صاحب سان گڏ ضلعي سانگهڙ ۾ مقرر سمورن پوليس آفيسرن ۽ ايس ايس پي آفيس جي انچارجز سان گڏجاڻي پڻ ڪئي. ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ علي، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد محمد يونس چانڊيو کي سانگهڙ ضلعي ۾ امن امان جي موجوده صورتحال ۽ پوليس جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني، ڊي آءِ جي محمد يونس چانڊيو ميٽنگ ۾ خطاب ڪندي چيو ته امن امان جي بحالي ۽ عوام جي جان و مال جو تحفظ اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن ڪوششون ڪيون پيون وڃن، مان سنڌ پوليس جي سمورن شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريان ٿو جن پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ جان جا نذرانا پيش ڪيا، ان کان سواء غازين کي به شاباس ڏيان ٿو جنهن پنهنجي فرض جي ادائگي ۾ پاڻ ملهايو ، هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته توهان سڀ منهنجي ٽيم جو حصو آهيو، خدا کان ڊڄو ۽ پنهنجا فرض بي خوفيءَ سان سرانجام ڏيو. امن امان جي فضا برقرار رکڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي هڪ سٺي ۽ پرامن سماج جي تعمير ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪڏهن ڪو به غيرقانوني ڪم ۾ ملوث آھي ته اهڙن ملڪ دشمن عناصر خلاف بنا فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس اسٽيشن توڙي آفيس مسئلا کڻي ايندڙ ماڻھن لاء ملاقات کي يقيني بڻايو وڃي، پوليس اسٽيشنن ۾ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي جاچ جي عمل کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان وڌيڪ واضح ۽ شفاف ۽ موثر بڻايو وڃي تحقيق دوران ڪيس جي باري بيني سان جاچ ڪئي وڃي ته جيئن گرفتار جوابدار کي عدالت جي ماتحت سزا ڏئي انصاف جي تقاضا پوري ڪري سگهجي، پرڏيهين جي سيڪيورٽي کي بهتر بنايو وڃي ۽ کين فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، عوام رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، ان کان علاوه ميڊيا سان به امن امان بابت صلاح مشورن لاء ميٽنگون ٿيڻ گهرجن جيئن عوام ميڊيا ۽ پوليس وچ ۾ موجود تفاوت کي ختم ڪري سگهجي، هن وڌيڪ چيو ته حد جي اندر صورتحال تي ضابطو نه آڻڻ جي صورت ۾ ذميوار پوليس آفيسرن خلاف سخت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.










