لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب ڪابينا محرم الحرام لاءِ فول پروف سڪيورٽي پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي.صوبي ۾ 9 ۽ 10 محرم تي ڊبل سواري تي پابندي هوندي، حساس هنڌن ۽ جلوسن جي رستن تي موبائل سروس به بند رهندي.پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته محرم الحرام جي جلوسن ۽ مجلسن جي سي سي ٽي وي ڪوريج کي يقيني بڻايو وڃي.










