محرم الحرام جي آمد،ڊي سي جي صدارت ۾ هيٺ اجلاس،هدايتون جاري

محرم الحرام جي آمد،ڊي سي جي صدارت ۾ هيٺ اجلاس،هدايتون جاري

جيڪب آباد( ن سنڌيار) محرم الحرام ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ڊي سي جيڪب آباد ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال جي صدارت ۾ ڪانفرنس حال ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ ايس ايس پي جيڪب آباد ڊاڪٽر سمير نور چنا، جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري ملت جعفریہ جي سيد احسان علي شاهه، اتحاد اهل سنت جي سيد اعجاز علي شاھ، چيبرس آف ڪامرس جي احمد علي خان بروهي مولانا عبدالجبار رند ،شبير احمد شاهه مختلف ادارن جي ذميوارن، پوري ضلعي کان آفيسرن ۽ عالمن شرڪت ڪئي، ان موقعي مقررن چيو ته محرم امن ۽ اتحاد جو سبق ڏئي ٿو، جيڪب آباد امن جو شهر آهي سمورن تنظيمن جو پاڻ ۾ شادي غمي ۾ اچڻ وڃڻ ۽ محبت آهي، سمورن تنظيمن جي اڳواڻن امن جي بحالي لاءِ تعاون جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي هڪ پيس ڪاميٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان موقعي تي ڊي سي جيڪب آباد اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته محرم الحرام ۾ امن جي حوالي سان تمام انتظام مڪمل ڪيا ويا جيڪڏهن ڪوبه مسئلو ٿي اسان سان رابطو ڪيو وڃي، ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا چيو ته محرم ۾ ڀائيچاري ۽ اتحاد جو سبق ڏئي ٿو، منهنجا دروازا عوام لاءِ کليل آهن ان موقعي تي صحت، واپڊا، ميونسپل ،ٽائون ڪاميٽيز ۽ ٻين ادارن کان پڻ محرم جي سلسلي رپورٽ ورتي ورتي جي يو آء جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري چيو ته جي يوآء فرقيواريت جي خلاف آهي هر سطح تي تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر صحابه ڪرام رضه جي خلاف گستاخي قبول نه ڪبي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو