مثال برطانيه جا پر پاڻ عدالتن جو احتران نه ٿا ڪن:جج جا ريمارڪس

مثال برطانيه جا پر پاڻ عدالتن جو احتران نه ٿا ڪن:جج جا ريمارڪس

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران عمران خان جي جڊيشل ڪمپليڪس ۾ آمد جو ذڪر گذريل ڏينهن ڪيو ويو.ڪيس جي ٻڌڻي دوران دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عمران خان جو نالو وٺڻ کانسواءِ ريمارڪس ڏنا ته هو ان ڏينهن آيو هو ۽ ٻه اڍائي هزار ماڻهن کي عدالت جي ڪمري ۾ وٺي آيو هو، انهن نعريبازي ڪئي،جج پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته هو برطانيا جا مثال ڏئي ٿو ۽ پاڻ عدالت جو احترام نٿو ڪري، عدالت ۾ پيشي دوران عدالت جو احترام نه ڪيو ويو، هو پاڻ سان گڏ ڪورٽ روم ۾ غنڊن ۽ بدمعاشن کي به وٺي آيو، هڪ سال جي پيشي لاءِ آيو ۽ ٻن سالن جي پيشي ڏئي هليو ويو.اي ٽي سي جج وڌيڪ چيو ته هاڻي وڌيڪ هڪ سال مون کي عدالت جي ٻڌڻين ۾ مصروف رکندو، مون وٽ ان ڪيس جي سموري سي سي ٽي وي فوٽيجز به آهن..واضح رهي ته عمران خان خلاف رمنا ٿاڻي ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.عمران خان گذريل ڏينهن جڊيشل ڪمپليڪس جي عدالت ۾ پيش ٿيو هو جتي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو وڏو انگ به موجود هو، جڏهن ته ڪجهه ڪارڪنن ۾ هڙتال پڻ ٿي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو