اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته تڪرار سياسي سببن جي ڪري ٿي پر هاڻي ماضي جي غلطين مان سبق سکي اڳتي وڌڻو پوندو. وزير اعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير معدني شعبي ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ڪيل ”پاڪستان منرل سمٽ“ ۾ شرڪت ڪئي.افتتاحي اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو ملڪي تاريخ ۾ خاص اهميت رکي ٿو، جڏهن ته ٿرڪول دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوئلي جي منصوبن مان هڪ آهي.










