اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آئي چيئرمين عمران خان ويڊيو بيان ڏيندي چيو آهي ته اڄ اسان جي ڪورڪميٽي جي ميٽنگ ٿي اسان تفصيل سان ڳالهايو ته اسلام آباد ۾ اسان اچڻ آهي ڪڏهن اچڻو آهي اسان اهو فيصلو ڪيو آهي ته مئي جي آخر ۾ اسان اها ڪال ڏيڻ وڃون پيا اسان تحريڪ انصاف کي نه پر پوري پاڪستان جي عوام کي ڪال ڏينداسين انڪري ڪال ڏيو پيا ته اسان جي ملڪ جي توحين ڪئي وئي بيرون ملڪ سازش تحت پاڪستان جي ڪرپٽ ترين ماڻهن کي ملڪ تي مڙهيو ويو آهي ،70 فيصد ڪابينا ضمانت تي آهي جيڪو وزيراعظم آهي ان ڪرائيم منسٽر تي 40 ارب جا ڪيس نيب ايف آئي اي ۾ آهن هي ملڪ جي توحين آهي ان ڪري پهريان مان پاڪستانين کي چوان پيو ته تياري ڪن اسان جي تياري جو آغار چنڊ رات کان ٿيندي چنڊ رات مان پنهنجي نوجوانن کي پيغام ڏيندس ته اوهان کي چنڊ رات نڪرڻو آهي جهنڊا پڪڙي ڪري سڄي دنيا کي اوهان کي ٻڌائڻو آهي ته پاڪستان هڪ زندهه قوم آهي ۽ انشاءَ الله ان کانپوءِ اسان جو اڳتي جيڪو لائحه عمل هوندو اهو اسلام ڏانهن مارچ جي پوري تياري هوندي،منهنجو ايمان آهي پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ عوام جو هجوم اسلام آباد ۾ ايندو جيڪو ٻڌائيندو ته بيرون ملڪ ڪڏهن به ڪرپٽ ٽولي کي مسلط نه ڪري پاڪستان جو جيڪو فيصلو ڪرڻو اهو عوام کي ڪرڻو آهي










