ليگ: مسلمان رانديگرن جي افطار لاءِ ميچ روڪي وئي

ليگ: مسلمان رانديگرن جي افطار لاءِ ميچ روڪي وئي

سڊني (ويب ڊيسڪ)ايورٽن ۽ ٽوٽنهم جي وچ ۾ ميچ هن سيزن جي پهرين پريميئر ليگ ميچ بڻجي وئي آهي جيڪا مسلمان رانديگرن کي روزا افطار ڪرڻ لاءِ روڪي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سومر تي فٽبال ٽيم ايورٽن ۽ ٽوٽنهم وچ ۾ ميچ کيڏي وئي، ميچ جي 26هين منٽ دوران ڪجهه دير لاءِ وقفو ڪيو ويو ته جيئن مسلمان رانديگر روزا افطار ڪري سگهن.ايورٽن جي رانديگرن آندري اونا، عبدالولي ڊڪوور ۽ ادريسه ميچن جي وچ ۾ وقفي دوران روزو ڀڃي ڇڏيو.واضح رهي ته پريميئر ليگ انتظاميا طرفان فيصلو ڪيو ويو هو ته شام ۾ ٿيندڙ ميچن ۾ افطار جي وقت وقفو هوندو ته جيئن مسلمان رانديگر افطار ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو