ليونل ميسيءَ جو والد 68 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ليونل ميسيءَ جو والد 68 ورھين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

بيونس آئرس (نيوز ڊيسڪ): ارجنٽائن سان تعلق رکندڙ دنيا جي ناميارو فٽبالر ليونل ميسيءَ جو والد هوري ميسي 68 ورھين جي ڄمار ۾ بقاءِ ۽ فانيءَ کان ڪوچ ڪري ويو آهي.خانداني ذريعن موجب هوري ميسي جمعي جي ڏينهن ارجنٽائن جي شهر روساريو جي هڪ طبي مرکز ۾ طويل علالت بعد وفات ڪري ويو. ميسي جو والد پنهنجي پٽ جي فٽبال ڪئريئر ۾ مک سهارو ۽ صلاحڪار رهيو، جنهن بارسيلونا ۾ ميسيءَ جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي ڪيترن ئي سالن تائين سندس ايجنٽ طور پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون.ياد رهي ته عالمي ڪپ دوران به ميسيءَ جي والد جي علاج هيٺ هجڻ جون خبرون سامھون آيون هيون. والد جي لاڏاڻي تي دنيا جي ناميارن فٽبالرن ۽ مداحن پاران گهري ڏک جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو