ليمن جي وڻن لاءِ پوپٽ به نقصانڪار آهن!

ليمن جي وڻن لاءِ پوپٽ به نقصانڪار آهن!

تحرير جي ايم مڱريو

جامع علمي شاه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ زولاجي ڊپارٽمينٽ ريسرچ اسڪالر ڪنڊيارو واسي نوجوان ولي محمد مڱريو پاران ڊاڪٽر حاڪم علي سهتو جي نگراني هيٺ پي ايڇ ڊي جو ٻيو سيمينار ليمن کي انتهائي نقصان ڏيندڙ پوپٽن ، ليمن بٽرفلاءُ ، تي منعقد ڪيو ويو پي ايڇ ڊي اسڪالر ولي محمد مڱريو ڌيان ڇڪايو ته ضلع نوشهروفيروز ۾ ليمن جي پيدوار ڳاٽ جوڳي آهي پر هي پوپٽ ليمن بٽر فلاءُ ليمن جي وڻن کي تمام گھڻو نقصان ڏئي رهيو آهي جيڪو ليمن جا پن ، گونچ ٽاريون وغيره کاڌي طور کائيندو رهي ٿو هن ضلع ۾ هي پوپٽ ليمن سان گڏوگڏ ٻين کٽن فروٽن کي پڻ نقصان ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري ضلع نوشهروفيروز ۾ ليمن سان لاڳاپيل ماڻهن کي گھٽ تعليم ۽ سهولتون هجڻ ڪري وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پوي ٿو.

Shah Abdul Latif University Khairpur, Seminar

جڏهن ته هڪ ٻيو سيمينار  پي ايڇ ڊي اسڪالر فهيم احمد جتوئي پاران کجين کي نقصان ڏيندڙ جيت ، ليزر ڊيٽ ماٿ، پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم سهتو جي نگراني هيٺ پيش ڪيو ويو هن چيو ته کجين کي ضلع خيرپور ۾ هڪ وڏي اهميت هجڻ ڪري هن علائقي کي کجين جو ديس پڻ سڏيو ويندو آهي پر هن سونهري فصل جي ميوي کي هي جيت ، ليزر ديٽ ماٿ ، ڪافي نقصان ڏئي رهيو آهي ٻنهي ريسرچ اسڪالرن پاران ان ڳالهه تي ڌيان ڇڪايو ويو ته ضلع نوشهروفيروز ۾ ليمن ۽ ضلع خيرپور ۾ کجين جي فروٽ کي بچائڻ لاءُ هڪ وڏي مقصدا ۾ ڪيميائي دوائن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو جيڪو اسان جي ماحول سان گڏوگڏ اسان انسانن جي صحت لاءٌ هڪ وڏو هاڃيڪار سنوڻ آهي ريسرچ دوران ٻنهي اسڪالر کي  مختلف انسان دوست جيت ملندا رهيا انهن انسان دوست جيتن کي ليبارٽري ۾ کاڌ خوراڪ ڏئي انهن جي مختلف واڌ ويجهه واري عمل تي نظر رکي وئي آخر ۾ اسڪالرن پاران ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته ڪيميائي دوائن جو استعمال انتهائي گھٽ ۽ انتهائي مناسب وقت ۽ مقدار ۾ ڪيو وڃي جئين انسان دوست جيتن جي جيوت کي هٿي ملي سگھي ان سان اسان پنهجي قيمتي فروٽن کي پڻ بچائي سگھون ٿا ۽ اسان جو ماحول پڻ پاڪيزه رهي سگھي ٿو جڏهن ته ٻنهي سيمينارن جي صدارت ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنس پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر ڪئي ان موقعي تي يونيورسٽي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي سهتو پروفيسر ڊاڪٽر عبدالمنان شيخ ڊائريڪٽر پي جي ايس  پروفيسر ڊاڪٽر تجنيز پيرزاده ، پروفيسر محمد ابراهيم کوکر پروفيسر ڊاڪٽر واحد بخش جتوئي ڊائريڪٽر قيو اي سي پروفيسر ڊاڪٽر نويد احمد شيخ ، ڊائريڪٽر او آر آءُ سي پروفيسر ڊاڪٽر ثمينه راڄپر ڊائريڪٽر ڊي پي آر آءٌ پروفيسر ڊاڪٽر امير احمد ميربحر ڊاڪٽر تسنيم ڪوثر ڊاڪٽر ظفر حسين شاه ڊاڪٽر محمد مٺل رند ڊاڪٽر نجم الحسن پروفيسر ڊاڪٽر عبدالخالق جتوئي ۽ ان کان علاوه وڏي تعداد ۾ پڻ ريسرچ اسڪالرپڻ موجود هيا جڏهن ته پارس سائنس ڪاليج ڪنڊيارو جي پرنسپال ڊاڪٽر سيد مرسل الدين شاه راشدي خاص مهمان طور شرڪت ڪئي آخر ۾ ڊين فيڪلٽي آف نيچرل سائنس پروفيسر ڊاڪٽر غلام عباس شر ٻنهي سيمينارن کي انتهائي ڪامياب قرار پڻ ڏو ۽ وڌيڪ ريسرچ لاءُ زور ڀريو

پهنجو تبصرو موڪليو