ڪڪڙ(ن سنڌيار) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تياري ڪري ورتي. هن پي ٽي آءِ حڪومت کان بيزاري ظاھر ڪندي عمران خان تي سخت تنقيد ڪئي آهي. لياقت جتوئي چيو آهي ته نيازي سرڪار سان خدشا برقرار آھن، نيازي حڪومت عوام جي اميدن تي پوري ناھي لٿي، مھانگائي تيل گئس جي قيمتن جي واڌ سبب ملڪ جي عوام نيازي حڪومت کان بيزار ٿي چڪي آھي. هن چيو ته پي ٽي آءِ ڪيل واعدا وفا نه ڪيا آھن، عمران سنڌ ۾ نااھل ماڻھن جي ور چڙھي ويو آھي، جيڪي ڪراچي ۾ ٻن ٽن ھزار ووٽن تي اسيمبلي ۾ آيا تن سندس گهيراءُ ڪيو آھي. ھڪ لک اندر ووٽ کڻندڙ جو عمران سرڪار کي قدر ڪونھي جنھن سبب اسين بيزار آھيون. ڳوٺ فيض محمد قمبراڻي ۾ لياقت قمبراڻي جي ڏنل آجياڻي جي دعوت ۾ شرڪت دوران لياقت علي جتوئي وڌيڪ چيو ته نواب شاھ جي شاگردياڻي پروين رند جو واقعو افسوس ۽ مذمت جو ڳو عمل آھي اسان ھن ڏکي وقت ۾ نياڻي ۽ سندس گھر ڀاتين سان گڏ آھيون. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڀاڻ جي ھٿرادو کوٽ پيدا ٿيڻ ۽ آبادگارن کي مھانگو ڀاڻ ڏيڻ جي ذميوار سنڌ سرڪار آھي.










