لوڪل گاڏين کان ٽول وٺڻ خلاف شهرين جو احتجاج

لوڪل گاڏين کان ٽول وٺڻ خلاف شهرين جو احتجاج

گهوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) ٽول پلازا خلاف احتجاج ڪيتريون ئي گاڏيون بيهجي ويون، احتجاجين جو ٽول پلازا پٽرائڻ جي گهر، شهري اتحاد ۽ سياسي سماجي اڳواڻن جو مين چوڪ کان ٽول پلازا تائين سون جي تعداد ۾ ماڻهن جو گاڏين جي صورت ۾ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي. قيصر زمان پٺاڻ ،رئيس الهوسايو گهوٽو، ملوڪ ڀٽو، غلام رسول ڪلهوڙو ، مجاهد سخي جان ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته گهوٽڪي ضلعي اندر ٻھ ٽول پلازا آھن جنهن مان گهوٽڪي شهر لڳ ٽول پلازا غير قانوني آھي جيڪڏهن هن ٽول پلازا قانوني آھي ته ان جو ڪاغذ ڏيکاريا وڃن.هنن چيو ته اڳ ۾ مقامي ماڻهن کي ڇوٽ هئي هاڻي سڀني کي تنگ ٿو ڪيو وڃي،  جيڪو هتان جي عوام سان ظلم آھي اڳواڻن وڌيڪ چيو ته گهوٽڪي ٽول پلازا کي ختم ڪري هتان جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي ۽ اسان سيشن ڪورٽ ۾ ٽول پلازا خلاف پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آھي.

ٽول پلازا  جي آفيسر ميجر ممتاز ميراڻي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ هن جو چوڻ هو ته ٽول پلازا قانوني آھي لوڪل گاڏي لاء پندرنهن ڏينهن اندر ٽوڪن اچي ويندا ۽ اهي گاڏين وارن کي ڏنا ويندا جنهن بعد لوڪل گاڏين کان ٽول نه ورتو ويندو اسان وٽ ڪاغذ آھن ڀلي اوهان ان کي ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو جيڪڏهن ڪورٽ اسان خلاف فيصلو ڏنو ته اسان ٽول پلازا ختم ڪنداسين  احتجاج سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جيڪي بعد ڪليئر ڪرايون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو