اسلام آباد(بيورو)حڪومت توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سادگي واري مهم شروع ڪري ڇڏي آهي.وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ۽ ان تي ضابطو آڻڻ جي مختلف طريقن تي غور ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا هفتيوار موڪلون بحال ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي پر توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ مارڪيٽون شام 7 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو نه ڪيو ويو آهي.ڪابينا وزيرن ۽ سرڪاري ملازمن لاءِ پيٽرول جي اگهن ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جي به منظوري ڏني. اطلاعات واري وزير جي بريفنگ ڏيندي سڌ سماءَ واري وزير مريم اورنگزيب چيو ته هن وقت بجلي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق آهي، بجلي جي طلب 28 هزار 400 ميگاواٽ آهي جڏهن ته موجود بجلي 25 هزار 600 ميگاواٽ آهي.هن چيو ته اسان گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن مهيني وڌيڪ بجلي پيدا ڪئي، ٻن ڏينهن تائين وزيراعظم رڳو لوڊشيڊنگ جو مسئلو ڏٺو، هاڻي سسٽم ۾ 2871 ميگاواٽ وڌيڪ بجلي شامل ڪئي وئي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته 15 جون تائين لوڊشيڊنگ ۾ ساڍا 3 ڪلاڪ اچي ويندا ۽ 30 جون تائين پورٽ قاسم پلانٽ جي 600 ميگاواٽ جي سسٽم ۾ اضافو ڪيو ويندو جنهن کانپوءِ لوڊشيڊنگ جو مدو ٻن ڪلاڪن تائين گهٽجي ويندو.مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته جمعي جي ڏينهن ڪم ڪندڙ ڏينهن ۾ گهر کان ڪم ڪرڻ جي تجويز هئي ۽ مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي جنهن تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ضروري دورن کانسواءِ سرڪاري آفيسرن جي پرڏيهه سفر تي پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري آفيسرن ۽ ڪابينا ميمبرن جي پرڏيهه علاج تي به پابندي لڳائي وئي آهي. هن چيو ته حڪومتي سطح تي گاڏين جي خريداري تي پابندي لڳائي وئي آهي، حڪومتي اجلاسن کي ورچوئل ۽ وڊيو تي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمورن سرڪاري آفيسن ۾ لنچ، ڊنر ۽ هاءِ چانهه تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي.










