عوام کي بجلي جو زوردارجهٽڪو،4 رپيا في يونٽ واڌ

عوام کي بجلي جو زوردارجهٽڪو،4 رپيا في يونٽ واڌ

اسلام آباد(بيورو)نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيپرا چيئرمين توصيف ايڇ فاروقي جي سربراهيءَ ۾ نيپرا هيڊڪوارٽرز ۾ اپريل جي مهيني جي فيول چارجز کي ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين 4 رپيا 5 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڪئي.ان تي نيپرا چيئرمين چيو ته اسان لاءِ صارف اهم آهن جيڪي مهانگائي جو شڪار آهن.چيئرمين نيپرا لوڊشيڊنگ بابت ڳالهائيندي چيو ته لوڊشيڊنگ 18 ڪلاڪ ٿي رهي آهي، اندازن تي ڪم نه ڪيو وڃي، بجلي جي نظام جي مسئلن جو حل ڳولڻ گهرجي. ٻڌڻي مڪمل ٿيڻ تي نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سي پي پي اي ان کان اڳ ايف سي اي جي صارفين کان مارچ ۾ 2 رپيا 86 پيسا في يونٽ في يونٽ چارج ڪيو هو، اپريل ۾ ايف سي اي گراهڪ کان 1 رپيا 13 پئسا في يونٽ وڌيڪ في يونٽ وصول ڪيو ويندو. نيپرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊسڪس جي درخواست تي قيمتن ۾ هڪ رپيه رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.نيپرا جو چوڻ آهي ته اٿارٽي تفصيلي فيصلو ڊيٽا جي وڌيڪ جاچ کانپوءِ جاري ڪندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته بجلي جي اگهن ۾ واڌ سان صارفين تي 55 ارب رپين جو اضافي بار پوندو ۽ اهي وصوليون ايندڙ مهينن ۾ ڪيون وينديون. ذريعن موجب گذريل ٽن چئن مهينن دوران ڪو به اهڙو مهينو ناهي جنهن ۾ صارفين تي بار نه وڌو ويو هجي.

پهنجو تبصرو موڪليو