صالح پٽ(رپورٽ نياز مھر) صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ صوڀو مھر وٽ روھڙي چونڊڪو روڊ تي خوفناڪ حادثو ھڪ نوجوان فوت ٻه ڄڻا شديد زخمي عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون .صالح پٽ ڀرسان ڳوٺ صوڀو مھر وٽ روھڙي چونڊڪو روڊ تي لوڊر رڪشا ۽ موٽر سائيڪل جي آمھون سامھون ٽڪر لڳڻ ڪري خوفناڪ حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 3ڄڻا شديد زخمي ٿي پيا آهن جن کي فوري طور علاج لاء سول اسپتال سکر پھچايو ويو جن مان ھڪ نوجوان 25سالا امتياز شيخ ولد محمد سالڪ شيخ زخمن جا سور ن سھندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو زخمين مان اسلم شيخ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ھوڏانھن نوجوان امتياز شيخ جو لاش گھر پھچڻ تي گھر ۾ ڪھرام مچي ويو ۽ عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون رابطو ڪرڻ تي صالح پٽ پوليس ٻڌايو ت حادثو تيز رفتاري جي ڪري پيش آيو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ٻي طرف عوامي راءمطابق ته روڊ سوڙھو ھجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن










