نواز شريف جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، اعلاميوجاري

نواز شريف جي بلاول ڀٽو سان ملاقات، اعلاميوجاري

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي بالادستي لاءِ آئيني فتح کانپوءِ اڳتي وڌڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هنن جڏهن به گڏجي ڪم ڪيو آهي ته وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته تاريخ جي انتهائي اهم موڙ تي ملڪ جي بحاليءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو ويو ته نئين چارٽر لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس گهرائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اڳتي وڌڻ جي روش تي غور ڪيو وڃي. فوري مقصدن ۾ شامل آهن انهن خامين کي درست ڪرڻ جيڪي سڄي نظام ۾ پيدا ڪيون ويون آهن. ڳالهه ٻولهه دوران ان ڳالهه جو پختو احساس ٿيو ته پاڪستان جي عوام تباهي واري معاشي بدانتظامي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي بي مثال نااهلي سبب تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. گڏيل مقصد ان شديد معاشي بحران کي بتدريج مٽائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو جنهن عمران خان ملڪ کي هيٺ لاٿو آهي، خوفناڪ غلطيون ۽ عمران جي پرڏيهي پاليسيءَ کي پنهنجي سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪرڻ جا اثر، ان سان گڏوگڏ ملڪ جي جمهوريت جا گہرا زخم آهن. پارٽين تي حملن کي شفا ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو