لزبن ۾ اسلامي مرڪز تي چاقو جو حملو، ٻه عورتون فوت

لزبن ۾ اسلامي مرڪز تي چاقو جو حملو، ٻه عورتون فوت

لزبن (ويب ڊيسڪ)پرتگال جي شهر لزبن ۾ هڪ اسلامي مرڪز تي چاقو بردار شخص حملو ڪري ٻن عورتن کي قتل ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب پرتگالي پوليس جو چوڻ آهي ته هنن فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ۽ پوءِ حملي آور کي گرفتار ڪيو، جنهن وٽ وڏو چاقو هو.پوليس جو چوڻ آهي ته هنن پهريان حملي آور کي گهرايو ۽ کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ چيو.پرتگال جي وزيراعظم انتونيو ڪوسٽا واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويلن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.هن چيو ته اختيارين واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهن، واقعي جي سببن بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو.اختيارين موجب حملي ۾ ٻه عورتون مارجي ويون آهن. هڪ عورت، 49 سالن جي، آغا خان فائونڊيشن جي مئنيجر هئي، جيڪا پرتگال ۾ پناهگيرن جي مدد ڪري ٿي، جڏهن ته ٻي عورت، 24 سالن جي، سينٽر ۾ رضاڪار طور ڪم ڪري رهي هئي.پرتگالي ميڊيا موجب مبينا حملي آور جو تعلق افغانستان سان آهي ۽ سندس ٽي ڌيئرون به ساڳئي سينٽر ۾ پڙهن ٿيون.اسلامڪ سينٽر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته کين ان واقعي جي محرڪن بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو