نئون ديرو (ن سنڌيار)سنڌ جي ٻين شهرن جيان لاڙڪاڻي ۾ به پاڪستان پيپلز پارٽي مڪاني چونڊن م ميدان ماري مخالفن کي مٿي تي هٿ ڏئي ڇڏيا، شهيدن جا جيالا ميدان ماڙڻ کانپوءِ لاڙڪاڻي مان 18يوسين جا چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرپ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو جي اڳواڻي ۾ قافلو ڳڙهي خدا بخش ڀٽو پهتو جتي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، شهيد راڻي ۽ اڳوڻي وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ بيگم نصرت ڀٽو جي مزارن تي حاضري سندن مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ ڀيٽا پيش ڪئي. ان دوران پ پ ڪارڪنن زنده آ ڀٽو زندهه، زنده آ بي بي زنده آ سميت ٻين نعرن جي گونج جيالن جو جوش گرمائي ڇڏيو. ان موقعي تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مخالف طرفان پولنگن تي رنڊڪون وڌيون ويون پر اسان پنھنجي ڪارڪنن کي روڪيو ته توھان اشتعال ۾ نه اچجو ڇا ڪاڻ ته اسان پنھنجي ماڻھن جي موٽ ڏسي رھيا ھئاسين اسان سڄو ڏينھن اليڪشن کي مانيٽر ڪيو ته ان دوران جيڪي اليڪشن ڪميشن اسان جي اميدوارن ووٽر لسٽون ڏنيو ۽ پرزائينڊنگ آفيسرن کي ٻيون ووٽر لسٽون ڏنيو جنھن ڪري ھزارين عورتون ۽ مرد ووٽر ووٽ واري حق کان محروم رھيا اھڙي صورتحال باوجود ھڪ صحافي پڇيو ته ڇا توھان نتيجن کي قبول ڪيو ٿا ته مان چيو ٿه بلڪل اسان قبول ڪيون ٿا ھن چيو ته پ,پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صحت ,تعليم سميت روڊن ۽ ترقياتي ڪمن جو ڄار وڇايو آھي لاڙڪاڻي جي 18ڪچين آبادين کي مالڪاڻا حقوق ڏنا ويا آھن لاڙڪاڻي جي عوام جي اسان خدمت ڪئي آھي جنھن جي نتيجي ۾ مخالفن کي رد ڪري اسان جي اميدوارن کي ڪامياب ڪري ٿاريخي فتح ڏياري آھي آھي باقي مخالفن جهموري حق آھي ته ڀلي ھو اليڪشن ڪميشن يا ٻئي ھنڌ پر امن احتجاج احتجاج ڪن ھن چيو ته جي يو آء لاڙڪاڻي ۾ جيڪي ھنن جا چيئن ھئا ھنن ھڪ سر به لڳرائي جنھن ڪري عوام کين نه ڏني آھي. ان موقعي تي چونڊجي آيل چيئرمين ۽ ڪائو نسلر منير سومرو، ڪاشف عمراڻي، شفيق چانڊيو، ذوالفقار علي بروھي، ابراھيم کوسو، عطا ميمڻ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.










