لاڙڪاڻي بورڊ جا  نتيجا پڌرا، حسنين علي ۽ ردا فاطمه  جي پھرين پوزيشن

لاڙڪاڻي بورڊ جا نتيجا پڌرا، حسنين علي ۽ ردا فاطمه جي پھرين پوزيشن

لاڙڪاڻو(پ ر) لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ طرفان ڏهين جماعت جي سالياني امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي ڪنٽرولر پروفيسر عبدالجبار جوڻيجو طرفان جاري ڪيل نتيجن موجب ڏهين جماعت جي سائنس ۽ جنرل گروپ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۽ دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ مجموعي طور تي 54152 اميدوارن حصو ورتو جن مان 43106 پاس ۽ 11063 فيل ٿيا، 1134 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪري 1741 اميدوارن جا نتيجا مختلف سببن جي ڪري روڪيا ويا آهن. سالياني امتحانن ۾ سائنس گروپ ۾ شاگردن ۾ ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگرد حسنين علي گاڏهي 1016 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، او پي ايف پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد محمد شفيع لغاري ۽ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد علي سومرو 1015 مارڪون کڻي گڏيل طور ٻي پوزيشن، گورنمينٽ پائليٽ هائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگرد عبداللطيف سومرو 1014 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. شاگردياڻين ۾ گورنمينٽ گرلس ماڊل هاءِ اسڪول انگلش ميڊيم لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي ردا فاطمه ڀٽو 1018 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، دي سٽي اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي انشراءَ حميد شيخ 1017 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ شهيد بينظير ڀٽو گرلز ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي انساءَ اياز کيڙو 1016 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. سائنس گروپ ۾ پاس اميدوارن جو ريشو 78.86 سيڪڙو رهيو. ڏهين جماعت جي جنرل گروپ ۾ سنڌ آرٽس ڪاليج وارهه جي شاگرد شِوين ڪمار آهوجا 877 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن، گورنمينٽ گرلز مغل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو جي شاگردياڻي فرزانه شيخ 838 مارڪون کڻي ٻين پوزيشن ۽ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول شمس الدين بلبل ميهڙ نمبر ون جي شاگرد شعيب پنهور 836 مارڪون کڻي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي آهي. جنرل گروپ ۾ پاس اميدوارن جو ريشو 77.88 سيڪڙو رهيو. ڏهين جماعت جي سائنس گروپ جي سالياني امتحانن ۾ لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه سان واسطو رکندڙ 51791 اميدوارن حصو ورتو جن مان 41254 اميدوار پاس، 10537 اميدوار فيل ٿيا، 1111 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، 640 اميدوارن جا ڪاغذ اڻپورا، 553 اميدوارن خلاف انڪوائري ۽ 523 اميدوارن طرفان فيس ادا نه ڪرڻ سبب سندن جا نتيجا روڪيا ويا آهن. جنرل گروپ ۾ مجموعي طور تي 2361 اميدوارن حصو ورتو جن مان 1852 اميدوار پاس ۽ 526 اميدوار فيل ٿيا، 23 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو جڏهن ته 25 اميدوارن جا ڪاغذ اڻپورا هئڻ سبب سندن جا نتيجا روڪيا ويا آهن.

وڌيڪ تفصيل لاءِ ھن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو

https://www.biselrk.edu.pk/ResultsSSC.aspx

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو