لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ اٽي جي اگهه ۾ 5 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي.چکي مالڪن جي تنظيم جي اڳواڻ لياقت علي خان جو چوڻ آهي ته چکي اٽي جو اگهه 125 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.لياقت علي خان جو چوڻ آهي ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ 4 هزار رپيا في مڻ تائين پهچي وئي آهي، جيڪڏهن ڪڻڪ سستي ٿي ته اٽو به سستو ٿي ويندو.ٻئي طرف اوپن مارڪيٽ ۾ سستو اٽو به دستياب ناهي ۽ مارڪيٽ مان 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو غائب آهي.










