لاهور ۾ جلسو، ٽڪيٽ هولڊرن جو هنگامي اجلاس طلب

لاهور ۾ جلسو، ٽڪيٽ هولڊرن جو هنگامي اجلاس طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي جون تياريون جاري آهن، آصف زرداري جلسي جي تيارين لاءِ ٽڪيٽ هولڊرن جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته اميدوارن جو اجلاس سڀاڻي شام 5:30 وڳي بلاول هائوس ۾ ٿيندو.اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي جلسي جي تيارين ۽ ايڪشن پلان تي غور ويچار ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي شهيد بينظير ڀٽو جي 70 هين ورسي جي موقعي تي 21 جون تي لاهور ۾ ريلي منعقد ڪندي.پيپلز پارٽي ريلي لاءِ لبرٽي چوڪ يا موچي گيٽ سميت ٻين هنڌن تي غور ڪري رهي آهي.اجلاس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي به شرڪت جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو