لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ 7 ڪلاڪن جي مسلسل برسات 20 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. ايم ڊي واسا موجب لاهور ۾ هن وقت تائين 238 ملي ميٽر برسات ٿي چڪي آهي، سڀ کان وڌيڪ برسات تاجپوري ۾ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ايم ڊي واسا جو چوڻ آهي ته سموريون ڊسپوزل اسٽيشنون ڪم ڪري رهيون آهن ۽ جنريٽر پڻ استعمال ڪيا پيا وڃن، برساتن باوجود اڪثر علائقن کي صاف ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته لڪشمي چوڪ، ڪوپر روڊ، ڊوموري، ايڪ موريا، فردوس مارڪيٽ، جي پي او چوڪ، ناڀا روڊ، ڀٽي گيٽ، جناح اسپتال ۽ ٽڪا چوڪ کي به صاف ڪيو ويو آهي.










