لاهور(ويب ڊيسڪ) ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي، جنهن ۾ 3 ڌاڙيل مارجي ويا.ايڊيشنل آءِ جي ڏکڻ مقصود الحسن موجب ڪارروائي دوران 6 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ايڊيشنل آءِ جي جو چوڻ هو ته راڪيٽ لانچرن سان ڌاڙيلن جي پناهگاهن کي به تباهه ڪيو ويو، جڏهن ته درجنين ڌاڙيلن جي گهرن کي باهه ڏني وئي.هن چيو ته ڌاڙيل ٻاهر نڪري جهنگ ۾ ويا آهن ۽ انهن جو تعاقب ڪيو پيو وڃي.










