لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اينڪرز تي لڳل پابندين واري پيمرا جي حڪم کي معطل ڪندي سڀني جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي. جسٽس شاهد وحيد جي عدالت اربع تي مختصر سماعت دوران سينئر صحافي عارف حميد ڀٽي، مبشر لقمان ۽ 11 ٻين جي درخواست تي اهڙو حڪم جاري ڪيو. صحافين جي وڪيل چيو ته 27 آڪٽوبر تي پيمرا جار ڪيل حڪم ذريعي اينڪر پرسنز کي ٻين ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ شرڪت نه ڪرڻ، پروگرام م پنهنجي راءِ نه ڏيڻ، مهمانن جي چونڊ سندن مهارت ۽ غير متعصب هجڻ واري ساک کي مد نظر رکي ڪرڻ جي صلاح ڏني هئي. هن چيو ته پيمرا جو حڪم آئين جي شق 19 جي خلاف آهي جيڪو اظهار راءِ جي آزادي جي اجازت ڏئي ٿو. ياد رهي ته پيمرا اهڙو حڪم 27 آڪٽوبر تي جاري ڪيو هو جنهن خلاف صحافين جي مختلف تنظيمن سخت رد عمل ظاهر ڪندي ان کر رد ڪيو هو. جنهن بعد پيمرا وضاحتي بيان ۾ چيو هو ته سندن حڪم جو غلط مقصد سمجهو ويو آهي، دي اصل پيمرا 2015 جي طئي ٿيل ضابطه اخلاق موجب ايڊوزئيزري جاري ڪئي هئي ۽ اهڙي ايڊوزئيزري وقت بوقت جار ڪئي ويندي آهي. پيمرا جي بيان ۾ اهو به چيو ويو هو ته هو آئين م ڏنل بنيادي حقن جي حامي آهي.










