لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ريسٽورنٽ جي ڪم جا ڪلاڪ هڪ ڪلاڪ وڌائي ڇڏيا.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم سموگ ڪيس جي گذريل ٻڌڻي جو فيصلو جاري ڪيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين حڪم موجب هاڻي ريسٽورنٽ رات 11 وڳي تائين کولڻ جي اجازت هوندي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي نئين حڪم موجب ريسٽورنٽ کي رات 12:30 وڳي تائين هوم ڊليوري سروس جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي آهي.عدالت ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي ته روڊن تي ٽريفڪ جي ڄاڻ لاءِ ٽيليفون نمبر فراهم ڪيا وڃن.لاهور هاءِ ڪورٽ ماحوليات واري سيڪريٽري کان سموگ جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي.










