لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. جسٽس سردار سرفراز ڊوگر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ اڳ ۾ فيصلو محفوظ ڪيو ۽ ڪجهه دير بعد ٻڌايو ويو. مني لانڊرنگ ۽ آمدن کان وڌيڪ اثاثن وارن ٻنهي ڪيسن ۾ 50 پنجاهه لک جا ٻه مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي. شهباز شريف کي 28 سيپٽمبر 202 تي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران مني لانڊرنگ ڪيس ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ جي درخواست رد ٿيڻ بعد نيب گرفتار ڪيو هو. سندس وڪيل سينيٽر اعظم تارڙ چيو ته شهباز شريف جي عمر 70 سال آهي، هو مختلف يمارين ۾ مبتلا آهي ۽ نيب کي جيڪا پڇا ڳاڇا ڪرڻي هئي اها ڪري چڪي آهي ۽ کيس جيل ۾ رکڻ جو ڪو جواز ناهي. نيب جي وڪيل فيصل بخاري ضمانت جي مخالفت ڪئي. هن چيو ته رمضان شگر ملز شهباز شريف ۽ چوڌري شگر ملز نواز شريف جي حصي ۾ آئي. 1990 ۾ شهباز جا اثاثه هڪ ڪروڙ 65 لک جا هئا جيڪي 2018 ۾ 7 ارب 32 ڪروڙ ٿي ويا. هن جا 9 بي نامي کاتا به آهن. شهباز شريف چوي ٿو 12 ڪروڙ 40 لک هن منافعو ڪمايو پر اهو نٿو ٻڌائي تهڪٿان ڪمايو ڪهڙو ڪاروبار ڪيو؟ هنن جا پرڏيهه مان ٽي ٽيز اچن ٿيون جيڪي سندس گهرواري کي ڏين ٿا باقي هن جي ڪمائي جو ٻيو ڪو وسيلپ ناهي. سندس اڪائونٽ ۾ 29 ڪروڙ 90 لک آهن جنهن جو ڪو ڪاروبار ناهي.عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد شهباز شريف جي ضمانت منظور ڪدي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. بعد ۾ ليگي اڳواڻ رانا ثناءَ الله ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي انتقامي ڪارواين باوجود عدالتن مان انصاف ملي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ ميان نواز شريف جي بيانيي، حق ۽ سچ جي فتح ٿي آهي.










