لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهو هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس امير ڀٽي ن ليگ جي نائب صدر مريم نواز جي پاسپورٽ واپسي جي درخواست تي ٻڌڻي لاءِ نئين چوٿين بينچ جوڙي ڇڏي.جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس سردار احمد نعيم تي ٻڌل بينچ سڀاڻي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي.ياد رهي ته مريم نواز عمري جي ادائيگي لاءِ پاسپورٽ واپسي جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرائي آهي، جنهن تي عدالت گذريل ڏينهن ٻڌڻي به ڪئي ۽ اي سي ايل رولز طلب ڪيا.اڄ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ جي ميمبر جسٽس فاروق حيدر درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ليگي اڳواڻ جي درخواست نئين بينچ جي آمهون سامهون لڳائڻ لاءِ چيف جسٽس کي اماڻي وئي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس اسجد جاويد گھرال کي بينچ ۾ شامل ڪيو ۽ ان سان گڏ جسٽس باقر نجفي بينچ جو حصو هو پر درخواست تي جڏهن ٻڌڻي شروع ٿي ته جسٽس باقر نجفي ٻڌايو ته جسٽس اسجد جاويد گھرال درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هن بينچ کي ٽوڙيو وڃي ٿو.جسٽس اسجد پاران معذرت کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي جو معاملي چيف جسٽس وٽ اماڻيو ويو، جنهن کانپوءِ چيف جسٽس نئين بينچ جوڙي ڇڏي آهي.واضح رهي ته ان کان پهرين به هڪ بينچ درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي تائين گڏيل طور تي ٽي جج مريم نواز جي درخواست تي ٻڌڻي کان معذرت ڪري چڪا آهن.










