لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ هفتي ۾ 4 ڏينهن ڪم ڪرڻ جي حوالي سان باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن موجب هاءِ ڪورٽ ۽ صوبي جي متحت عدالتن ۾ سومر کان خميس تائين ڪم ڪيو ويندو.نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوان ڪيسز داخل ڪرڻ لاءِ ارجنٽ سيل سومر کان خميس 50 سيڪڙو اسٽاف سان ڪم ڪندو جڏهن ته جمعي ۽ ڇنڇر جي ڏينهن صرف 10 سيڪڙو اسٽاف سان ڪم ٿيندو. نوٽيفڪيشن موجب سيڪيورٽي ۽ صفائي جو عملو پورو هفتو پنهنجي شيڊول جي تحت ڪم ڪندو، ڪنهن به قسم جي اضافي پروٽوڪول تي پابندي هوندي.










