راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فياض چوهاڻ کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي بينچ ۾ جسٽس چوڌري عبدالعزيز پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي نظربندي خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عدالت فياض چوهاڻ کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.عدالت ڌانڌلي ۾ ملوث ڪارڪنن جي الڳ لسٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو ۽ واضح ڪيو ته ڪيسن ۾ نامزد جيڪي به ڪيس داخل نه ٿيندا انهن کي ئي آزاد ڪيو ويندو. عدالت نامزد ڪارڪنن جي لسٽ ضلعي انتظاميا کي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو.










