لاهور ماسٽر پلان 2050ع جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

لاهور ماسٽر پلان 2050ع جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ جي حڪم ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ماسٽر پلان 2050 جو نوٽيفڪيشن معطل ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ لاهور ماسٽر پلان 2050 خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي ڊي جي ايل ڊي اي عامر احمد خان ۽ ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت لاهور ماسٽر پلان جو جائزو وٺڻ لاءِ عالمي يا مقامي صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏنا ته هي 2050ع تائين جو منصوبو آهي جنهن سان شهري متاثر ٿيندا، افسوس سان چئي رهيو آهيان ته فارمن کي ختم ڪري راتيون راتيون ٺاهيون وينديون آهن. هن چيو ته هائوسنگ سوسائٽيون ٺاهڻ لاءِ شاندار سرسبز ميدان تباهه ڪيا پيا وڃن، هارين کان زمين کسي وئي ۽ معيشت کي نقصان پهچايو پيو وڃي. جسٽس شاهد ڪريم چيو ته اڳ چوندا هئا ته هي اسان جي مستقبل جو معاملو آهي، اڄ جي آلودگي اسان جي ۽ ٻارن جي بقا کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان سڀني کي ان معاملي جو جائزو وٺڻو پوندو، شهر ۾ وڃي ڏسون ته موجوده صورتحال ڇا آهي، شهرين جي بنيادي حقن جو معاملو سياسي حڪومت ۽ ايل ڊي اي تي نه ٿو ڇڏي سگهجي.جسٽس شاهد ڪريم رمارڪس ڏيندي چيو ته اهڙي ماحول ۾ اسان جو زندگي گذارڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مداخلت پسند ناهي پر دل ڏکوئي ٿي.عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 2 هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو