اسلام آباد)بيورو)اسلام آباد جي مقامي عدالت لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ لانگ مارچ دوران ڀڃ ڊاهه واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ قاسم سوري، شهريار آفريدي، علي محمد خان، اسد عمر، فيصل جاويد ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.ٻڌڻي دوران سينيئر جج رمارڪس ڏنا ته ترنول، گولرا ۽ آءِ جي 9 ٿاڻن جي ڪيسن ۾ ڪا به جاچ ناهي ٿي.جج پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙو جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيو آهي، وڪيل جي درخواست تي جج جوابدار کي عدالت مان وڃڻ جي هدايت ڪئي. جنهن بعد عدالت سمورن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي عبوري ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جنهن کانپوءِ سمورن جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج قاسم سوري، شهريار آفريدي، علي محمد خان، اسد عمر، فيصل جاويد، شيراز بشارت، راجا خرم نواز، شيخ رشيد، مراد سعيد، پرويز خٽڪ، شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جي ضمانت منظور ڪري ورتي.










