اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ کي ڪنهن به صورت ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو.اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي ممڪن لانگ مارچ کي روڪڻ بابت حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري گهرو، ڪمانڊر ايف سي، آءِ جي اسلام آباد، ڪمانڊر رينجرز اسلام آباد شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ چيف ڪمشنر اسلام آباد، ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد پڻ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سيڪيورٽي ادارن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي نمائندن به شرڪت ڪئي. پڻ شرڪت ڪئي.ذريعن موجب گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جي هدايتن تي اجلاس جي ڪارروائي کي ان ڪيمرا ۾ رکيو ويو، سڪيورٽي ادارن گهرو وزير کي پي ٽي آءِ جي ممڪن لانگ مارچ بابت بريفنگ ڏني، اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي ممڪن لانگ مارچ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ۽ ڌرڻو روڪڻ لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي.بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن جو انگ 15 هزار کان 20 هزار تائين هجڻ جو امڪان آهي، امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسلام آباد پوليس، سنڌ پوليس، رينجرز ۽ ايف سي جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ ريڊ زون ۾ واقع سرڪاري عمارتن ۽ ڊپلوميٽڪ انڪلويوز جي سڪيورٽي پاڪ فوج کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو.اجلاس ۾ لانگ مارچ کي لاجسٽڪ ۽ مالي مدد فراهم ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي جي به منظوري ڏني وئي، اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ جي صورت ۾ هٿيار رکڻ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان حوالي سان شناخت ۽ ايسٽ ڪوڊ تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته لانگ مارچ دوران اسلام آباد جي شهرين کي ٽرانسپورٽ ڏيڻ، اسپتالون ۽ اسڪول کليل رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.










