صالح پٽ/سکر (نمائندن وٽان)بيدردي سان قتل ٿيل صحافي اجي ڪمار لالواڻي جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، لاهور مان گرفتار جوابدار اڪبر مڱريو جي نشاندهي تي وڌيڪ 3 جوابدار گرفتار، پوليس ڪيس حل ڪرڻ جِي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته جوابدار جميل شاهه، رضا شاهه ۽ جانب ميراڻي صحافي کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جن وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ آيا آهن. پوليس موجب معاملو گهڻي ڀاڱي حل ٿي ويو آهي، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته رضا شاهه سان ڪو جهيڙو نه هو، قتل پٺيان ڳجها هٿ آهن، انصاف ڪيو وڃي، ذريعن موجب قتل جي ماسٽر مائينڊ رضا شاهه صحافي جي قتل جي ٻئي ڏينھن تي سندس وارثن سان تعزيت ڪئي، پوليس جو چوڻ آهي ته رضا شاهه ۽ جميل شاهه کي گرفتار ڪرڻ بعد اڪبر مڱريو ۽ جانب کي به گرفتار ڪيو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري ڳجهن هٿن کي وائکو ڪيو وڃي.










