لا آفيسرن جي اهليت ۽ ماهوار مراعتن جا تفصيل پڌرا

لا آفيسرن جي اهليت ۽ ماهوار مراعتن جا تفصيل پڌرا

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ۽ صوبائي لا آفيسرن جي مقررين لاءِ لازمي اهليت ۽ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرلز توڙي ڊپٽي اٽارني جنرل جي ماهوار مراعتن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.دستاويزن موجب، وفاق ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل جي عهدي لاءِ اميدوار جو سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ٿيڻ جي اهليت رکڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي. پنجاب ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ سپريم ڪورٽ جو ايڊووڪيٽ هجڻ ۽ هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 سال وڪالت جو تجربو هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ ان عهدي لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 سالن جو تجربو گهربل آهي. دستاويزن موجب، بلوچستان ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل لاءِ هاءِ ڪورٽ جو جج بڻجڻ جي اهليت سان گڏ اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل طور گهٽ ۾ گهٽ 3 سالن جو تجربو هجڻ به ضروري آهي.
لا آفيسرن جي ماهوار مراعتن جي حوالي سان دستاويزن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته:
• سنڌ ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل کي 7 لک 26 هزار رپيا ماہوار مراعتون ڏنيون وينديون آهن.
• پنجاب ۾ 6 لک 90 هزار رپيا ماہوار مراعتون ڏنيون وينديون آهن.
• خيبر پختونخوا ۾ 5 لک 76 هزار رپيا ماہوار مراعتون ڏنيون وينديون آهن.
• بلوچستان ۾ 3 لک 10 هزار 400 رپيا ماهوار مراعتون ڏنيون وينديون آهن.
• وفاق ۾ ڊپٽي اٽارني جنرل جون ماهوار مراعتون 3 لک 90 هزار رپيا مقرر آهن.
دستاويزن موجب، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جون ماهوار مراعتون هيٺين ريت آهن:
• پنجاب ۾ 5 لک 70 هزار رپيا.
• سنڌ ۾ 4 لک 49 هزار رپيا (4 لاکھ 94 ہزار – چار لک چورانوي هزار رپيا).
• خيبر پختونخوا ۾ 4 لک 22 ~هزار رپيا.
• بلوچستان ۾ 2 لک 30 هزار رپيا.
• اهڙي طرح وفاق ۾ اسسٽنٽ اٽارني جنرل جون ماهوار مراعتون 2 لک 4 هزار رپيا مقرر ٿيل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو