قومي  ٽيم 13 جولاءِ تي اسلام آباد مان ويسٽ انڊيز رواني ٿيندي

قومي ٽيم 13 جولاءِ تي اسلام آباد مان ويسٽ انڊيز رواني ٿيندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) هيڊ ڪوچ سرفراز احمد جي اڳواڻي ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم 8 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رپورٽ ڪندي، اطلاعن موجب اسڪواڊ 2 ٽيسٽ کيڏڻ لاءِ 13 جولاءِ تي روانو ٿيندوقومي ”ريڊ بال“ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪيمپ هن وقت لاهور ۾ جاري آهي، ۽ امڪان آهي ته 2 جولاءِ تي ختم ٿيندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاران امڪان آهي ته ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ جي دوري لاءِ 17 ميمبرن تي ٻڌل هڪ ئي ٽيم جو اعلان ڪيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز ۾ پهريون ٽيسٽ 25 جولاءِ جڏهن ته ٻيو ٽيسٽ 2 آگسٽ کان شروع ڪندي. انگلينڊ جي دوري ۾ پاڪستاني ٽيم ٽن ٽيسٽن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 19 آگسٽ کان ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو