قومي معاملن ۾ سڀني ڌرين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ضروري آهي، باجوا

قومي معاملن ۾ سڀني ڌرين ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ضروري آهي، باجوا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج جو رياست جو ادار آهي جيڪو آئين موجب قومي ادارن کي ضرورت پوڻ تي مدد فراهم ڪندو رهندو. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. فوجي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو ته آهي ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ جيو اسٽريٽجڪ ۽ قومي سلامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.

ملڪ جي داخلي سلامتي، اوڀارين سرحد، لائن آف ڪنٽرول ۽ ڀارت جي والريل ڪشمير جي صورتحال تي بحث ڪيو ويو. ڪماندرز پنهنجو عزم ورجايو ته هر قسم جي خطري کي ڀرپور منهن ڏنو ويندو. “اسين گڏيل ڪوششن، فوج، قومي ادارن ۽ سڀ کان وچيڪ قوم جي قربانين سان ملڪ جي اندروني سلامتي ۽ استحڪام حاصل ڪيو آهي. جيڪو ڪنهن جي به مذموم ايجنڊا جي تڪميل لاءِ ڪنهن به قيمت تي ان کي واپس ٿيڻ نه ڏينداسين. پاڪ فوج رياستي ادارو آهي جيڪو قومي ادارن کي جڏهن به چيو ويو ته آئين مطابق مدد ڪنداسين. جڏهن ته پاڪ فوج قومي ادارن ۽ قوم جي مدد سان اوڀارين سرحد ۽ ڪنٽرول لائن تي ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي مروت قوتن جي شڪست لاءِ قومي اسٽيڪ هولڊرز  ۾ قومي معاملن تي هم آهنگي پيدا ڪرڻ ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو