قومي عوامي تحريڪ پاران وڌندڙ قبيلائي جهيڙن  خلاف احتجاج

قومي عوامي تحريڪ پاران وڌندڙ قبيلائي جهيڙن خلاف احتجاج

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)قومي عوامي تحريڪ مرڪز جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ 22 مئي 2012 محبت سنڌ ڪراچي ريلي تي ٿيل حملي جنھن ۾ 14 ڄڻان شھيد ٿيا ۽ ڪشمور ضلعي۾ وڌندڙ قبيلائي دھشتگردي جنھن ۾چاچڙ برادري جا9 ماڻھون قتل ٿيڻ خلاف عوامي ھائوس کان پريس ڪلب تائين  احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو  ميڊيا سان ڳالھائيندي مظاهرين چيو تـ 22 مئي 2012 جيڪااياز لطيف پليجو لياري کان پريس ڪلب ڪراچي تائين سنڌ جي ورھاست خلاف محبت سنڌ ريلي تي MQM جي دھشتگردن جي کليل فائرنگ ۾ 14 ساٿي شھيد ٿيا جنھن ۾ غزالابتول صديقي ستار انڙ شبير بليدي آمنا پليجو ۽ٻيا شھيدن ۾ شامل آھن. اسين سمورن شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪيون ٿا اڳواڻن وڌيڪ چيو تـ ڪشمور ضلعي کي ھٿ وٺي قبيلائي دھشتگردن حوالي ڪيو ويو آھي چاچڙ قبيلي جا 9 ماڻھون شھيد ٿيا اڳواڻن وڌيڪ چيو تـ ڪچي کي موتمار ھٿيارن ھٿيارن کان پاڪ ڪرايو وڃي۔..

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو