ڪراچي (نمائندن وٽان) قومي شاهراهه تي ٻن مختلف حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت ۽ 23 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جن کي ڀروارين اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مٽياري مان رياض چانڊيو موجب قومي شاهراهه تي نيو سعيد آباد لڳ جاويد پيٽرول پمپ جي سامهون تيز رفتار مسافر ڪوچ ڪيلي جي مزدوري تي ويندڙ مزدورن جي چنگچي لوڊر رڪشا مٿان چڙهي وئي حادثي جي نتيجي ۾ 9 پورهيت عمران .ارشاد . شير الدين . شير علي کوسو . شمشاد . جميل . ڪانو ڪولهي .اونو ڪولهي . مجنو ڪولهي تڏي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن رامون ڪولهي . پرمو ڪولهي . ڏيارام . جمعو ڪولهي ۽ سعيد احمد سخت زخمي ٿي پيا سعيد آباد پوليس ۽ موٽر وي اهلڪارن فوتين ۽ زخمين کي تعلقه اسپتال سعيد آباد پهچايو جتان سڀني زخمين کي تشويشناڪ حالت ۾ نوابشاھ ۽ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جڏهن ته نوابشاھ سول اسپتال وڌيڪ ٻن زخمين رامون ۽ جمعون ڪولهي به زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جنهن بعد حادثي ۾ فوتين جو انگ 11 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته باقي زخمين جي حالت پڻ تشويشناڪ ٻڌائي پئي وڃي حادثي جو اطلاع ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري غلام حيدر چانڊيو ۽ ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو پڻ اسپتال پهچي حادثي جا تفصيل ورتا جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر مٽياري حادثي ۾ فوت ٿيلن جي تدفين لاء ڏھ هزار رپيا مدد طور ڏنا. ٻئي پاسي سعيد آباد پوليس حادثي جو ڪيس داخل ڪري ڪوچ تحويل ۾ وٺي ڇڏي جڏهن ته ڪوچ ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.***ڪوٽڙي ڪبير مان پرويز ڀنڊ موجب قومي شاهراهه تي سچل ڪاٽن فيڪٽري سامھون ڪراچي کان سوات ويندڙ گلاب ڪوچ جو ٽرڪ جي پويان زوردار ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 25 سالا نوجوان ڪوچ ڊرائيور طاھر شاھ ويٺل سوات موقعي تي فوت ٿي ويو.

جڏھن ته ٻارڙن، عورتن ۽ مردن سميت 15 مسافر زخمي ٿي پيا جن کي فرسٽ ايڊ ڏئي پنھنجن گھرن ڏانھن روانو ڪيو ويو. ڊرائيور جي لاش کي پڻ ايمبولينس ذريعي سوات روانو ڪيو ويو.










