قومي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

قومي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي 8 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 تڪن تي ضمني چونڊ سڀاڻي ٿيندي، ان سلسلي ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن.قومي اسيمبلي جي تڪن ۾ اين اي 22 مردان، اين اي 24 چارسده، اين اي 31 پشاور، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪانه صاحب، اين اي 157 ملتان، اين اي 237 ملير ڪراچي ۽ اين اي 239 ڪورنگي ڪراچي شامل آهن.پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 139 شيخوپوره، پي پي 209 خانيوال ۽ پي پي 241 بهاولنگر تي به ضمني چونڊ سڀاڻي ٿيندي.پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري رهندي. رينجرز، ايف سي ۽ پاڪ فوج جي مقرري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو